پيرا گوئي

پيرا گوئي (Paraguay): هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه پيراگوئي (Republic Del Paraguay) آهي. پيراگوئي درياهه جي مناسبت سان هن کي پيراگوئي نالو ڏنو ويو آهي. هي ملڪ ڏکڻ آمريڪا ۾ آهي. جنهن جي اتر اولهه ۽ اتر ۾ بوليويا، اوڀر ۾ برازيل، ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه ۾ ارجنٽينا جا ملڪ واقع آهن. پيراگوئي سمنڊ کانسواءِ ملڪ آهي، هتي الت پليت درياهه جنهن ايٽلانٽڪ سمنڊ سان ملائي ٿو.
پيراگوئيءَ جي سرڪاري ٻولي اسپيني (گوراني) آهي. هتان جي موسم گرم ۽گهميل رهي ٿي. جابلو علائقن ۾موسم خوشگوار هوندي آهي. پيراگوئي جي مکيه زرعي پيداوار ڪاساوا، ڪپهه، سويابين، تماڪ، ڪڻڪ، مڪئي، شڪرقندي (گجر)، ٻج، ميوا ۽ ڀاڄيون، چانور ۽ ڪاٺ آهي. مکيه صنعتن ۾ فوڊ پروسيسنگ، گوشت جي پيڪنگ، ٽيڪسٽائيل، ڪاٺ جو ن شيون، ڪيميائي شيون ۽ سيمينٽ شامل آهي. پيراگوئيءَ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 14 مئي 1811ع آهي ۽ هن جي گڏيل قومن جي ارادي (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو